اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي چئلينجز جي حل لاءِ مسج??ن ۽ عالم سڳورن جي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان لاڳاپيل اسلامي تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ذميدار??ن ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ تي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز شرڪت ڪئي.