اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان قائم ڪ??يٽي جي رپورٽ ملڻ تي ذ??يوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪ??مي??بي آهي، جنهن جي تائيد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظ??مي?? کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قائم ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.