اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائ??نس?? جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ ت?? ا??لاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪستان علماءُ ڪائ??نس?? جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ب??بت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيند?? ا??لامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪستان جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀي??ا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پاڪستان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائ??نس?? جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان ا??ت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان ا??ت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪستان علماءُ ڪائ??نس?? جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ ا??ت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.