اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اه??يت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ل??ءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي ??سئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ??يندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.