اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه ??حمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه ??حمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ??رس??ل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي ??هيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي ??ورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ??رس??ل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ??رس??ل پاڪستاني برادريءَ جي ڀلائي ??سان جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي ??ٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.