اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز اح??د شاهه چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان ان وچن کي ورجائيندا آهيون ته ??سان پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين. اڄ جي ڏينهن نظريي پاڪستان جو باقاعده طور تي سنگ بنياد رکيو ويو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون ??ائداعظم محمد علي جناح ۽ سمورن انهن اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جيڪي پاڪستان جي قيام جي سفر ۾ حصو هئا.