اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي ??اري منصوبن تي ڪم جي ??فتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي چين – پاڪستان اقتصادي راهداري سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لا??ِ اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي ??لاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، هٿياربند فوج جي ??ربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين عاطف بخاري، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اعليٰ سطح جي ??فيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي سي پي?? تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي ??اري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت نه رڳو اڳوڻي حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبن جي ??ڪميل ڪئي پر رڳو اڍائي سالن جي ??ندر ڪيترن ئي اهم منصوبن کي به مڪمل ڪيو. اجلاس ۾ انفرااسٽرڪچر جي ??رقي جي منصوبن جي ??والي سان ٻڌايو ويو ته ان کان هٽي ڪري ته ڪوبه منصوبو ڪنهن شروع ڪيو، وڌي?? منصوبا موجوده حڪومت مڪمل ڪيا.