اسلام آباد – 20 – مئي (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان سان ٽيوٽا موٽر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين شنجي ياناجي ۽ ان??س موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي ملاقات ڪئي ۽ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي ان کانسو??ءِ وزيراعظم کي مثبت ۽ ڪاروبار دوست حڪومتي پالي??ين جي ڪري وڏي پئماني جي صنعت ۽ خاص طور آٽو ان??سٽري ۾ ٻاهرين سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتما?? جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.