اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي ب??ال?? لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ??لڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي ع??ديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي ع??امي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي تبديلي وا??ي وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ??احوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ??اڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان ??نهنجي وسيلن مان ??احوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ??درتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي ب??ال?? لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.