ا??لا?? آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻ??هي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل ا??لا??ڪ يونيورستي ا??لا?? آباد جي صدر ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل ا??لا??ڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بري?لا??_گیم/105575.html">فنگ ڏني. بري?لا??_گیم/105575.html">فنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻ??ند??. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏ??ند??، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن ??يس?? هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني و??ند??.