ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي م??ڻه?? لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته مرڪزي ڌارا تعليمي ادارن ۽ هنرمندي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي، سرندي وارا م??ڻه?? معاشري مان غربت جي خ??تمي لاءِ اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ الشفا ٽرسٽ، اسپيشل اسڪول ۽ بحالي مرڪز جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ معذور م??ڻه?? جي جسماني پهچ کي آسان بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته مختلف معذور م??ڻه?? کان ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي، صدر خصوصي م??ڻه?? جي مناسبت سارسنڀال جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سرندي وارن م??ڻه?? کي چي?? ته هو معاشري مان غربت جي خ??تمي لاءِ اڳتي اچن. هن چي?? ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ انسان دوستي ۽ معاشرتي احيا تي زور ڏنو آهي، هن وڌيڪ چي?? ته حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي م??ڻه?? کي ماهوار 2000 روپيا فراهم ڪيا آهن، هن ڪووڊ 19 جي دوران احساس پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيندي چي?? ته پاڪستان وبا جي بحران دوران موثر طريقي سان حالتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ دنيا ان حوالي سان حڪومت پاران کنيل قدمن کي سارهيو آهي. پي آءِ اي جي چي?? ايگزيڪيتو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ تقريب کي خ??اب ڪندي صدر مملڪت ۽ بيگم ثمينه عارف علوي جو ٿورو ادا ڪيو ۽ معاشري تي زور ڏنو ته هو فنڊ ريزنگ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جئين خصوصي مقصد جي لا3 تعاون ڪري سگهجي. هن چي?? ته الشفا پي آءِ اي جي فليگ شپ سي ايس آر جو حصو هو جيڪو 1967ع ۾ سول ايوي ايشن جي تعاون سان سوشل ويلفيئر ايجنسي جي طور تي شروع ٿيو ۽ 1981ع ۾ الشفا ٽرسٽ ۾ تبديل ٿي ويو، هن وڌيڪ چي?? ته پي آءِ اي پنهنجي ڪارپوريٽ ڪردار کانسواءِ ڪارپوريٽ سماجي ذميداريون به پوريون ڪري رهي آهي. تقريب جي پڄاڻي تي الشفا ٽرسٽ جي خ??وصي ٻارن هڪ خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو جنهن کي صدر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي گهڻو ساراهيو. تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ معززين شرڪت ڪئي.