اسلام آباد -19 آڪٽ??بر (اي پي پي) پاڪ بحريه پنهنجي مسلسل نگراني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان نشاندهي ڪندي 16 آڪٽ??بر 2021ع تي هڪ ڀيرو ٻي??ر ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ وار?? شعبي آءِ ايس پي آر پاران جا??ي ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي ماحول ۾ سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پنهنجي نوعيت جو ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ پي اين لانگ رينج ميري ٽائيم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ذريعي ڀارتي بحريه جي آبدوز جو وقت کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ لڳايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو واقعو مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.