اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي مشاورتي ??مل کانپوءِ نئ??ن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اها م??اقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبديلي جي وقت ۽ نئ??ن ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جي چونڊ بابت وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري مشاورتي ??مل جو حصو هئي. ان ع??ل دوران دفاع واري وزارت کان آفيسرن جي هڪ فهرست ملي. وزيراعظم سمورن نامزد آفيسرن جو انٽرويو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ مشاورت جو حتمي دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي مشاورتي ??مل کانپوءِ نئ??ن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.