راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاو??د باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائ??ائ?? سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ?? سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي عالمي ۽ علائ??ائ?? معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف انساني بحران کي روڪڻ ل??ءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ ل??ءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام ل??ءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان علائ??ائ?? امن ۽ خوشحاليءَ ل??ءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪستان جي ڪردار ۽ علائ??ائ?? استحڪام ل??ءِ خاص ڪوششن ??ي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ ل??ءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.