اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. اها اٿارٽي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي ??اء?? قائم ڪئ?? وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان ??ڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڏيڻ جي ??اء?? وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.