لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، ايندڙ مهيني منصوبي جي وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاه??ر دوري جي موقعي تي وزيرا??ظم عمران خان کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وزيرا??ظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پهرين فيز ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي، منصوبو لاهور جي وچ ۾ عالمي مع??ار جو ڪاروباري مرڪز ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪندو، ان کانسواءِ م??حو??ياتي تحفظ، گرين روف، اربن پارڪس ۽ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري استعمال ۾ آڻڻ جهڙا قدم به منصوبي جو حصو آهن. ايندڙ مهيني منصوبي تحت وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پڄاڻي سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌندي پر ملڪ ۾ 15 سئو ارب روپين جو اضافو ٿيندو، ان کانسواءِ منصوبي ۾ باب پاڪستان منصوبي جي پڄاڻي ۽ والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي به شامل آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اسد عمر، شفقت محمود، وزيرا??ظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سي اي او سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ عمران امين، اين اي پي ايڇ ڊي اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ۽ فيز ون جي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.