اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختي??ري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪ??و ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين جي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسلي ام??يا?? ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل عالمي قانونن ۽ س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت و??لاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کي عالمي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختي??ري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زور ڏنو. افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون ج??ري رکڻ تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختي??ري ۽ علائقائي س??ام??ي تي يقين رکي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.