اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پ??ڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پ??ڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير چي?? ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پ??ڏيهي ??زير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي ??زير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پ??ڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پ??ڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چي?? ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پ??ليسي پ??ڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پ??ڏيهي ??زير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پ??ڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.