اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي ج?? مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي ??ڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ج?? چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد با??ر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي ??سٽيٽ قونصلر ۽ پر??يه?? وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پر??يه?? وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي ??ملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي ??ستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فوج جي ??ستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فوجي ??ستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي ??ربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي ج??ٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪو??، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي ??ورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.