اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) جي صدر جن ليڪون ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايشين انفرااسٽرڪچ?? بئنڪ جي صدر چيو ته سندس بئنڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان مڪمل ط??ر تي پرعزم آهي، هن صدر کي ٻڌايو ته اي آءِ آءِ بي حڪومت پاڪستان جي ترجيحن موجب ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن کي فنانس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.