مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سيد عبدالله گيلاني ۽ سيد فيض نقشبندي جي قيادت ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد مظفرآباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ عبدالمجيد ملڪ، سيد اعجاز رحماني، شيخ محمد يعقوب، عبدالمجيد مير، شيخ عبدالمتين ۽ جاويد اقبال بٽ شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ?? ڪشمير جو وزيراعظم راجا فا??وق حيدر ۽ آزاد ڄمون ?? ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.