اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) بابت چئلينجن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ??ي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صدر سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.