اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ماڻهو فوت ٿي ويا، 3344 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3344 ڪورونا جا نوان ڪيسز رجسٽرڊ ٿيا. ??ڄي ملڪ ۾ هيستائين هڪ لک 31 هزار 649 مريض ڪورونا ??ائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ريضن جي لاءِ 1525 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن جن ما?? 459 وينٽي ليٽرز استعمال ٿي رهيا آهن. هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ 2 لک 31 هزار 808 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1342، بلوچستان جا 10 هزار 814، گلگت بلتستان جا 1561، اسلام آباد جا 13 هزار 494، خيبرپختونخواهه جا 28 هزار 116، پنجاب جا 81 ه??ار 963 ۽ سنڌ جا 94 هزار 528 ڪيسز شامل آهن.