چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خا?? ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي ??يد??وار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي ??يد?? ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا ??يد?? ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قوم??ن ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي ??را??مي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قوم??ن ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿيون.