اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ان افغان قومي مفاهمت بات اعليٰ سطحيِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي پاڪستان جي افغانستان ??ان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌا??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳ??له??ئيندي وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جن جو بنياد مذهب، ثقافت، تاريخ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي آهي، جي اهميت اجاگر ڪندي هر شع??ي ۾ لاڳاپا وڌا??ڻ جي ضرورت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.