اسلام آ??اد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آ??اد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناه??اه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن س??ن گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرف??ن گذريل مهيني اسلام آ??اد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پناه??اه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اه?? پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار س??ن ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم ميڊيا آفيس موجب آئنده ٽن مهينن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ماڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن کي ري ماڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.