هري پور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ترقي ??افته بڻائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال ج?? خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون، ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خصوصي اقتصادي زون سان ملڪي معيشت کي فروغ ملندو، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته وڌيڪ وسيلا ت??لي?? جي بهتري تي لڳايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هري پور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪاميابي الله جي ذات ڏيندي اهي، اسان ۾ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ملڪ کي ترقي ??افته بنائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال ج?? خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪندي ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.