اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت و??ري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي و??ري وزير ??سد عمر، توانائي و??ري وزير عمر ايوب، ناڻي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم و??ري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، مقامي گئس جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.