اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته جيستائين ڪشميرين کي خودمختياري جو حق حاصل نه ٿيندو تيستائين پاڪستان انهن جي حمايت جاري رکندو. هو پرڏيهي آفيس ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف ڪاري ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.