اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو ۽ معاشري جي محروم ماڻهن جي لاءِ خدمتون سرانجام ??يندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پ??رل??امينٽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قانونسازي ۾ جهول ختم ڪري روايتي طريقيڪار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي لاءِ ڪم ??ندي. پ??رل??امينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تق??يب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون جڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ته مون سوچيو ته پ??رل??امينٽ کي انهن ماڻهن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون سڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي خصوصي ماڻهن جي لاءِ تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل کان به وڌيڪ آهن.