اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون ??هتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻ?? آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻ?? آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائت?? آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائ??ز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سموريون چيڪ پوسٽون ??تم ڪري ڇڏيون ??هن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته سموريون چيڪ پوسٽون ??تم ڪري ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون کوليون وينديون ??يڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان اعتماد ڪي?? آهي، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.