اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فوج م??ال?? بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته قومي ادار?? جي خلاف ڳالهائڻ شرمناڪ آهن، اهڙي قسم جي ڳالهين سان دشمن کي خوش ڪيو پيو وڃي، اهڙا بيان ڀارتي ميڊيا تي بريڪنگ نيوز طور تي هلايا وڃن ٿا، مريم ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ پاڪستا?? جي ازلي دشمن ڀارت جي پاڪستان م??ال?? ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، حڪومت کان ڇا استعيفيٰ وٺندا پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي فيصلي کانپوءِ ته پي ڊي ايم قصه پارينه بڻجي چڪي آهي، عمران خان جو اهو موقف آهي ته جيڪڏهن نواز ۽ زرداري کي اين آر او نه ملي ها ته اڄ صورتحال تمام مختلف هجي ها، 18 هين ترميم کانپوءِ به فيڊريش?? جي روح کي برقرار رکڻ لازمي آهي، 2021ع جو سال ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو سال هوندو، موجوده حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سمورا واعدا پورا ڪري چڪي هوندي، سنڌ حڪومت پنهنجي سياسي مقصدن، پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿي جنهن سان تاثر پيدا ٿئي ته شي?? جي کوٽ يا قيمتن ۾ واڌارو ٿيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر سان گڏ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.