اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان، منهنجي خلاف عدم اعتماد واري رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، ايوان هلائڻ حڪ??مت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، آئون پنهنجي حلف جي گهرجن موجب ايوان هلائيندس، منهنجي استعيفا جو مطالبو مخالف ڌر جي خواهش ٿي سگهي ٿي، آئون ايوان مان ملندڙ ميڊيٽ موجب پنهنجي ذميداري سرانجام ڏيندو ره??دس. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ آهن، اهڙا واقعا جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهن، منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي قاعدن موجب هلايو وڃي، هن چيو ته حڪ??مت ۽ مخالف ڌر کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون، هن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ميمب?? پنهنجي تڪن جي ڳالهه ڪندا آهن ان لاءِ اهو بجث انتهائي اهم هوندو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪ??مت ٻنهي کي درخواست آهي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي، مخالف ڌ?? پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري پر ايوان جي اندر پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي.