اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات جي شعبن تي ڌيان ڏ??ڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات جو متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏن شعبن ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وز??را??ظم کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل طرفان سڌارن جي لاءِ 14 ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙپڪاري جي تناسب سان م??جو??ه 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 شعبن ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ تعم??را??، مالياتي شعبو ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، زراعت، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت جي شعبن تي ڌيان ڏ??ڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي بهتر بڻائين، ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات جو متبادل ڳولين.