اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي راندين جي ٽيمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي رانديگرن تي زور ڏنو ??هي ته اهي محنت ۽ ديانتداري سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڏهين چيف آف نيول اسٽاف ا??مي??يورز گالف چيمپيئن شپ 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته راندين جي ميدان ۾ پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان تعصب درپيش آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وبا جي باوجود انگلينڊ جو دورو ڪيو جڏهن ته غيرملڪي ٽيمن پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم قومي ٽيم جي رانديگ??ن کي صحيح چيو ??هي ته اهي ميدان ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين جيڪا اهم آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ۾ صلاحيتون ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، قومي ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي، وقار ۽ عزت نفس برقرار رکندي ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪن. صدر چيمپيئن شپ ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن نظم ۽ ضبط ۽ محنت سان اها ڪاميابي حاصل ڪئي. هي راند ديانتداري سيکاري ٿي اسان کي راندين سميت سمورن شعبن ۾ ديانتداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گالف جا ميدان سرسبز ۽ شاداب هوندا آهن، انسان جي فطرت ??هي ته اهو سرسبز نظارن جي ڳولا ڪندو رهي ٿو. مارگلا گرين گال?? ڪپ پاڪستان جو خوبصورت ترين گالف ڪلب آهي. ان ڪلب تحت وڻڪاري پڻ ڪئي وڃي ٿي، ان ڏس ۾ هي ماحوليات جي بهتري ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته راندين سان جسم تندرست ٿئي ٿو، گالف مهانگي راند ??هي پر اها ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي. صدر ا??مي??يورز، سينئر ا??مي??يورز ۽ عورت ڪيٽيگريز ۾ کٽيندرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. ڪوئيٽا گالف ڪلب جي ميجر سليم کي ونر ٽرافي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻيون اعليٰ سول ۽ فوجي شخصيتون پڻ موجود هيون. چئن ڏينهن وارو چيف آف نيول اسٽاف ا??مي??يورز گالف ڪلب ڪپ هر سال منعقد ڪيو وڃي ٿو.