اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ آمريڪا افغانستان جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، معيشت ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اه?? اتفاق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت س??ڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خو??هش??ند آهي،آمريڪي پرڏيهي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏ?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ ??اڪ??تان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. ??اڪ??تان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خو??هش??ند آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي نائب وزير ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اه??يت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير آمريڪا پاران ??اڪ??تان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب وزير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.