اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل کي اسلام?? تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪر?? تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن ??و اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر اي??ري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمي?? سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين اي??ب?? تاريخ ??و اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت ال??قدس ج?? تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي ??و اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين اي??بي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح الدي?? سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز اي??دڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.