اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائ?? رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخوا??تن جي منظوري جو عمل جاري آ??ي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخوا??تن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿ?? رهيو آهي.