اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين جي نظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقين?? بڻايو وڃي، اها هدايت وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب خان آفريدي سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ اسپين سان ٻٽي شهريت ۽ پاڪستاني نزاد ڪارڊ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ بابت معاملن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين (سي ڊبليو اي) جي نظام کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪ??ي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقين?? بڻائي سگهجي.