اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانست??ن جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانست??ن جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضوع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن ??ي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪست??ن، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيج??ن، ترڪمانست??ن، ڪرغزست??ن، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمب?? آهن.