راولپنڊي -09 جنوري (اي پي پي) پنجا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار مري جي برفباري سبب متا??ر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ۽ گهڙي??ل سميت متا??ر علائقن جو ٽن ڪلاڪن تائين دورو ڪيو ۽ متا??ر علائقن ۾ جاري رليف آپريشن جو جائزو ورتو. پنجا?? جي وڏي وزير عثمان بزدار مري سانحي جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (گهرو) پنجا?? جي سربراهي ۾ 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ مري جي علائقي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مري کي ضلع بڻائڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي ۽ فوري طور ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري جي هدايت پڻ ڪئي آهي.