اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) ڀارتي ن??ظم الامور کي پرڏيهي آفيس طل?? ڪري ڀارت کان ايندڙ ”سپر سونڪ فلائنگ آبجيڪٽ“ جي پاڪستاني فضائي حدن جي هروڀرو خل??ف ورزي تي شديد احتجاج ڪيو ويو، فلائنگ آبجيڪٽ 9 مارچ تي پاڪستاني وقت موجب 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارتي علائقي ”سورت ڳڙهه“ کان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ۽ تقريبن 6 لڳي 50 منٽن تي پاڪستان ۾ ميان چنو شهر جي ويجهو زمين تي ڪريو، جنهن سان شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي آگاهه ڪيو وي?? ته فلائنگ آبجيڪٽ سان نه رڳو شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو پر ان زمين تي انساني جانين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان کانسواءِ فلائنگ آبجيڪٽ پاڪستاني فصائي حدن ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اڏام?? لاءِ به سنگين خطري جو باعث بڻيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هوابازي جي سنگين حادثي سان گڏوگڏ شهري فوتگيون به ٿي سگهيون پئي، ڀارتي ن??ظم الامور کي ٻڌايو وي?? ته هو ڀارتي حڪومت کي پاڪستاني فضائي حدن جي ان کلي خل??ف ورزي جي سخت مذمت کان آگاهه ڪري جيڪا عالمي اصولن ۽ ايوي ايشن سيفٽي پروٽوڪول جي خل??ف ورزي آهي. ترجمان چي?? ته ان طرح جا غير ذميداڻا واقعا فضائي سيفٽي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهڻ بابت ڀارتي روين جا به عڪاس آهن. پاڪستان ان واقعي جي مڪمل ۽ شفاف تحقيقات ۽ ان جا نتيجا پاڪستان سان شيئر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ٿ?? ته هو ان طرح جي غفلت جي ناخوشگوار نتيجن کي ذهن ۾ رکي ۽ مستقبل ۾ اهڙين خل??ف ورزين کان بچڻ لاءِ موثر قدم کڻي.