اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوفين ۽ ا??لي??ئن جي تعليم جي پيروي تي زور ڏيندي چيو آهي ته ص??فين ۽ ا??لي??ئين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني ??هي ۽ انهن پنهنجي تعليم سان مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو. صدر اها ڳالهه حضرت عبدالقادر شاهه جيلاني ??غداد جي سجاده نشين شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني ??ان گڏ ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، پاڪستان ۾ عراق جو سفير حامد عباس لفتاح ۽ سينيئر حڪومتي آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان سڀني کي ا??لي??ئن ۽ صوفين جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، ا??لي??ئن ۽ صوفين انسانيت، مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته ص??فين اسلامي قدرن جي تعليم جي ذريعي معاشري جي اصلاح لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اسلام جي پيغام کي پوري دنيا خاص طور تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پکيڙيو. صدر چيو ته حضرت عبدالقادر شاهه جيلاني ??ڄي زندگي اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو ۽ اسلامي تاري?? جي مشڪل وقت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ معاشري جي اصلاح ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ۽ مختلف مڪتبه فڪر جا اڳواڻ ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسلامو فوبيا جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي چئلينج تي موثر طريقي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر سجاده نشين حضرت عبدالقادر شاهه جيلاني پاران ڪيل فلاحي ڪمن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر وفد جي مان ۾ آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي. شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني ميزباني ۽ شاندار استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن صدر کي بغداد جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.