اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، مخالف ڌر ڪبوترن وانگر پنڃري ۾ بند ٿي چ??ي آهي ??هي ??نهن جي سياست جا آخري ڏينهن آهن، سنڌ ??ائ??س ۾ جهڙي طرح خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳي چ??ي آهي ??هو قابل مذمت آهي، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا، مارچ ۽ جلسا رضاڪاراڻا هوندا آهن جهڙي طرح جا جلسا عمران خان ڪندو آهي ن ليگ جو اڳواڻ جاويد لطيف هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري چ??و اليڪشن ڪميشن کي (ن) جي نظر لڳي چ??ي آهي ??ن کي ص??ف پي ٽي آءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پريڊ چوڪ جي جلسي جي مشاورت جي لاءِ گهرايل اهم ترين اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن پاران اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان قرارداد پاڪستان ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جو نتيجو آهي ??نهن تي مسلمان امت ۽ پاڪستاني مسلمانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊي چوڪ ۾ جلسي جي اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي صفن ۾ گهٻرائٽ شروع ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن سڀ پروگرام ان تي ٿي ويا ته ڇو چيو ويو ته 10 لک ماڻهن جي ميڙ مان گذري وڃڻو آهي ۽ پوءِ واپس اچڻو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ايتري ڪمزور دل هئي ته اهو ڪم ئي نه ڪري ها، سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، وفاقي وزير چيو ته سنڌ ??ائ??س ۾ جيڪو خچرن ۽ گهوڙن جي مينا بازار لڳل آهي ۽ خريداري لاءِ بيگ ??ري آندا ويا آهن اهو قابل مذمت آهي، انشاءُ الله ان خريد ۽ وڪري جو ازالو به ڪنداسين ۽ ڪارروائي به. هن چيو ته اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ??ه خچرن ۽ گهوڙن سان گڏ حفاظت لاءِ ماڻهو به آندا ويا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چوڻ چاهيان ٿو ته جاويد لطيف گذريل ڏينهن اعتراف ڪري ورتو آهي ??ه اسان هارس ٽريڊنگ ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ جي نظر لڳي وئي اهي کيس ن ليگ نظر نٿي اچي ۽ هر طرف تحريڪ انصاف ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي ??ي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ جيڪي اسان جا اتحادي آهن انهن ۾ اسان جو اميدون آهن. چوڌري فواد حسين پريس ڪانفرنس دوران ڪبوترن جي پنڃري طرف اشارو ڪندي چيو ته مخالف ڌر ۽ انهن ڪبوترن ۾ هڪجهڙائي آهي ??يڪي ڪبوترن وانگر بند ٿي چ??ا آهن، مخالف ڌر جي سياست جا آخري ڏينهن آهن انهن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، هن مخالف ڌر کي مشورو ڏنو ته مرد بڻجو ۽ عمران خان وانگر ڪو هڪ وڏو جلسو ئي ڪري ڏيکاريو، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري پاڪستان کي شناخت ملي آهي، انشاءُ الله ان کي برقرار رکنداسين ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين.