اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڦوروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو مستقبل چورن جي ??والي نٿا ڪري سگهون، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن جا ضم??ر خريدڻ لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، جتي تمام گهڻو پئسو منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن، 10 لک ماڻهن جي ڪال جي ڊپ کان مخالف ڌر خوف ۾ ورتل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ گرين يوٿ موومينٽ جي ??قريب کي خصوصي مهمان جي ??يثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاق?? وزير چيو ته ڪالهه ننڍو ڊان چئي رهيو هو ته ملڪ م قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف شامل نه هجي، عقل جا انڌا اڄ چئي رهيا آهن ته ڦوروئن جي ??ڪومت ٺاهيو جيڪا چورن کي بچائي، اسان ان کان اڳ ان طرح جو قومي بياني?? نه ٻڌو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان 33 سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نوجوان آهن جيڪي پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ اسان پنهنجي مستقبل کي چورن ۽ ڦوروئن جي ??والي هرگز نه ڪرڻ ڏينداسين. اسان کي پتو پيو آهي ته سنڌ هائوس جي ??ندر منڊيون لڳل آهن، جتي جهڙي قسم جون ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ ضم??ر وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا عوام ان جي ??جازت ڏيندي؟ وفاق?? وزير چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اه?? نه چيو هو ته اهي ماڻهو مخالف ڌر کي ماريندا، مخالف ڌر صرف 10 لک ماڻهو گڏ ٿيڻ جي ڊپ کان بيهوش ٿي وئي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي پارٽين جو حق آ??ي ته هو جلسا ۽ جلوس ڪن، پنهنجي ماڻهن کي گڏ ڪن، اهو اسان جو حق آ??ي، هن چيو ته اسان پاڪستان جي ??اريخ ۾ سڀ کان وڏو ميڙاڪو اسلام آباد ۾ ڪري ڏيکارينداسين، اسان لوئر مڊل ڪلاس جي پارٽي آهيون، اسان تشدد ڪندڙ ماڻه?? نه آهيون، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوانن جي مستقبل جي ??ميد آهي، اسان ان اميد سان جيئنداسين ۽ مرنداسين.