اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتما??ي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏين??ي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آه?? ??ن لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آه?? جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آه??. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتما??ي رٿ اچڻي آه??. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتما??ي رٿ اچي رهي آه??. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان س??ن لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتما??ي رٿ جي ڪاميابي تي آه??. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آه?? جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آه??؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آه??؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آه??ون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان ??ي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آه??. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آه??، ??ن لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.