اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سا?? پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران س??دس ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي س??دس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان برطانيا سا?? پنهن??ي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو، جيڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان حوالي سا?? موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سا?? استعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستان سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.