اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم اورنگزيب وزيراعظم ??هباز شريف جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سستي شين جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ??هباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپيا کان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين کان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم ??هباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اس??ام آباد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اس??ام آباد هوائي اڏي کان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو اس??يشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائ??، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اس??تال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم ??هباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم ??لوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو اعلان ڪيو، وزيراعظم ??هباز شريف راولپنڊي، اس??ام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وزيراعظم ??هباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.