لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي ??زي??اعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو ??يڪيج جو آغاز ڪري ??هي?? آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، ??زي??اعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن ??ي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ??هي?? آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي ??زي??اعظم نواز شريف کي هر قسم ??ي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته ??وه??ن 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري ??هي?? آهيو ان تي ??وه??ن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.