اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي و??ارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ عل??ئقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده م??اس??ا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي و??ير ٻطرفي و??پار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي و??ير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.